مدئجي ۾ احساس ڪفالت سينٽر مدرسي ۽ خانگي اوطاقن ۾ قائم، رشوت نه ڏيندڙ عورتون رُلي ويون

news

مدئجي (رپورٽ: ايوب بروهي) مدئجي ۾ ضلعي انتظاميا شڪارپور جي نااهلي سبب احساس ڪفالت سينٽر نه کوليو ويو، جڏهن ته شهر جي اسٽيشن روڊ تي واقع فوڊ گودام ڀرسان ڊوائيز هولڊرن پاران گذريل ٽن ڏينهن کان مدرسي توڙي خانگي اوطاقن ۾ سينٽر قائم ڪري وظيفي جي رقم ورهائڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي.

جتي عورتن لاءِ پردي جو انتظام نه ڪيو ويو نه ئي اس کان بچڻ لاءِ شاميانا لڳايا ويا آهن. پيهه سبب عورتون هڪ ٻئي کي ڌڪا ڏينديون رهيون.

ان سلسلي ۾ وظيفي جي رقم وٺڻ لاءِ آيل عورتن مسمات رابعيه خاتون، ارباب خاتون، مسمات ڪرمان خاتون، مسمات شبيران خاتون، مسمات انور خاتون ۽ ٻين عورتن دانهيندي چيوته صبح جو 8 وڳي کان وٺي آيل آهيون پر ڊوائيز هولڊر ۽ انتظاميا جي نااهلي سبب نٽهڻ اس ۾ بيٺل آهيون. هنن الزام هڻندي چيوته هتي ايجنٽ مافيا سرگرم آهي جيڪي پنهنجي من پسند ۽ پنهنجا نوازيو پاليسي تحت عورتن کي رقم ڏيئي رهيا آهن.

هنن جو چوڻ هو ته في ڪارڊ تي 500 کان 1000 تائين ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي جيڪا سراسر ناجائزي آهي هنن اختيارين کي اپيل ڪندي چيوته نوٽيس وٺي شفاف نموني سان رقم جي ورڇ کي يقيني بڻائي عورتن کي تذليل کان بچايو وڃي.

هوڏانهن ان سلسلي ۾ احساس ڪفالت سينٽر انچارج وقار ڪلهوڙو ۽ مجيب جوڻيجو جو چوڻ هوته ڊي سي شڪارپور اسان کي مدئجي جو خوراڪ سينٽر ڏيڻ جو چيوهو پر ڪڻڪ جي سيزن هجڻ سبب انتظاميا اسان کي جواب ڏنو جنهن بعد اسان ضلعي انتظاميا کي چيو پر هنن اسان جي هڪ به ناهي ٻڌي جنهن ڪري اسان مسواڙ تي جاءِ ورتي آهي جڏهن ته رقم مان ڪٽوتي ڪرڻ وارن الزامن ۾ ڪابه صداقت ناهي سڀني کي پوري رقم ڏيئي رهيا آهيون.

هنن وڌيڪ چيوته ته سهولتن جي کوٽ آهي، جاءِ ننڍڙي هجڻ ڪري شاميانا نٿا لڳائي سگهون. هنن ڊي سي شڪارپور سميت وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته جلد اسان کي سينٽر هلائڻ لاءِ جاءِ ڏني وڃي.