مبارڪپور لڳ ڳوٺ ميهر علي شاهه ۾ مستوئي ۽ بنگلاڻي برادري ۾ جهيڙو، چار ڄڻا رتورت

news

مبارڪپور (رپورٽ: مهر قربان علي) مبارڪپور ٿاڻي جي حد ۾ زمين جي مالڪي تان مستوئي ۽ بنگلاڻي پاڻ ۾ وڙھي پيا، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب مستوئي برادري جي ٻن ڄڻن لياقت مستوئي ۽ ممتاز مستوئي زخمي ٿي پيا.

مستوئي برادري به بنگلاڻي برادري جي ٻن ڄڻن مقبول ۽ فيضو بنگلاڻي کي رتورت ڪري ڇڏيو.

اطلاع تي مبارڪپور پوليس زخمين کي ٿاڻي تي کڻائي آئي، زخمين کي ليٽر ٺاهي علاج لاءِ تعلقه اسپتال ٺل منتقل ڪري ڇڏيو ۽ ڌرين هڪ ٻئي مٿان مبارڪپور ٿاڻي تي اين سي داخل ڪري ڇڏي. آخري اطلائن تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي.