فضل الرحمان ۽ نوازشريف ۾ ملاقات، تحريڪ جي حوالي سان ڳالهيون

news

لاهور: پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ مسلم ليگ(ن) جي قائد نوازشريف وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهيون ٿيون جنهن ۾ مجموعي ملڪي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون.

ذريعن موجب ٻنهي اڳواڻن ۾ ٽيليفون تي رابطي دوران رمضان کانپوءِ پي ڊي ايم جي تحريڪ کي تيز ڪرڻ ۽ ننڍي چونڊ ۾ حڪومت جي غيرمقبوليت تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته مولانا فضل الرحمان ۽ نوازشريف رمضان المبارڪ کانپوءِ حڪومت مخالف تحريڪ کي تيز ڪرڻ تي تفصيلي صلاح ڪئي.