پاڪستان ۾ ڪورونا سبب هڪ سئو ڏهه ماڻهو فوت ٿي ويا

news

اسلام آباد: سموري ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 110 ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ 5364 نوان ڪيس به رپورٽ ٿيا آهن.

پاڪستان ۾ ڪورونا جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران پوري ملڪ ۾ ڪورونا جا 64481 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 5364 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته وائرس سان 110 ماڻهو فوت ٿي ويا.

سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسز مثبت اچڻ جي شرح 8 اعشاريه 31 سيڪڙو آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب ملڪ ۾ ڪورونا جي ڪري فوتگين جو انگ 15982 ٿي ويو آهي ۽ مجموعي ڪيس 7 لک 45182 تائين پهتا آهن جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 78425 آهي.

ان کان علاوه 24 ڪلاڪن دوران پوري ملڪ ۾ 4123 مريض ڪورونا کان صحتياب ٿيا جنهن کان پوءِ مجموعي انگ 6 لک 50775 ٿي ويو آهي.