ون ڊي جي انگن اکرن ۾ بابر کي ويرات تي برتري

news

لاهور:78 ون ڊي اننگز جي انگن اکرن ۾ بابراعظم کي ويرات تي برتري حاصل ٿي وئي.

تازو عالمي رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن تي قبضو ڄمائيندڙ پاڪستاني ڪپتان اڃان تائين 56.83 جي حساب سان 3808 رنز ٺاهيون آهن، اسٽرائيڪ ريٽ 88.70 رهيو، هن 13 سينچريون ۽ 17 ففٽيز ٺاهيون. وڌ کان وڌ اسڪور 125 ناٽ آئوٽ رهيو.

ڀارتي ڪپتان آخري 78 اننگز ۾ 45.56 جي حساب سان 3100 رنز ٺاهيون آهن، وڌ کان وڌ اسڪور 118 رهيو، ائين بابراعظم اڌ سيچرين جي انگ کانسواءِ هر معاملي ۾ ويرات ڪوهلي کان اڳتي آهي، ان ڪارڪردگي جي صلي ۾ هن عالمي نمبر ون پوزيشن تي قبضو ڄمايو.

ياد رهي ته بابراعظم اڃان تائين 80 ون ڊي ميچز ۾ 78 اننگز کيڏيون آهن، ٻئي طرف وايرات ڪوهلي مجموعي طور تي 254 مقابلن ۾ 59.07 جي حساب سان 12169 رنز اسڪور ڪيون ۽ 43 ٺاهي چڪو آهي، بابراعظم کي ان مقام تائين پهچڻ لاءِ اڃان ڊگهو سفر ڪرڻو پوندو.