افغانستان ۾ بم ڌماڪو، هڪ ئي گهر جا چار ڄڻا مارجي ويا

news

قنڌار ۾ رستي ويجهو بم ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ هڪ ئي گهر جا 4 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.

افغانستان ميڊيا موجب قنڌار جي علائقي شاهه ولي ڪوٽ ۾ رستي ويجهو بم ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ هڪ ئي گهر جا 4 ڄڻا مارجي ويا جن ۾ 2 ٻار به شامل آهن، صوبائي پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته بم رستي ويجهو رکيو ويو ۽ جيئن گاڏي اتان گذري ته بم ڦاٽي پيو، هن واقعي جي اڃان تائين ڪنهن به گروپ قبول ناهي ڪئي.