گڏاپ ۾ رمضان شريف جو ڀلارو مھينو شروع ٿيندي ئي مھانگائي عوام جون وايون بتال ڪري ڇڏيون

news

ڪراچي (رپورٽ: نبي بخش خاصخيلي) گڏاپ ۾ رمضان شريف جو ڀلارو مھينو شروع ٿيندي ئي مھانگائي عوام جون رڙيون ڪڍرائي ڇڏيون، عوام مھانگائي جي جن کان پريشان، ھٿرادو مھانگائي غريبن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي، شھرين جو ڪمشنر ڪراچي کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو.

تفصيل موجب ڪراچي جي ضلعي اوڀر ۾ عام واھپي جي شين مڱن جي دال، چڻن جي دال، چڻا، کاڄري تيل، کنڊ، ميوات ۾ ڪيلي، کجي، صوف، چڪون، ھنداڻي، گدري جا اگھه چوٽ چڙهي ويا، ان کانسواءِ سايون ڀاڄيون به خريداري کان ٻاهر ٿي ويون. ضلعي انتظاميا جي لاپرواھي سبب واپارين کاڌي پيتي جي شين ۾ ھٿرادو مھانگائي ڪري ڇڏي، ڪنھن بہ ريڙھي، دڪانن، سبزي ۽ مرغي وارن وٽ ڪمشنر ڪراچي جي ريٽ لسٽون موجود ئي ناھن، افطاري جو اهم جز کجي 600 رپيا ڪلو ٿي وئي، ڪيلا 100 رپيا درجن ٿي ويا، هنداڻو 40 کان 80 رپيا ڪلو، صوف 3 سئو رپيا ٿي ويا. زيتون سو رپيا، چڪو 120 رپيا ڪلو وڪامڻ لڳا، ڀاڄين جي اگهه ۾ به 30 کان 40 سيڪڙو تائين واڌ، ادرڪ 4سو، ٿوم 3 سو، گوار 2 سو، ميها سو رپيا ڪلو وڪامڻ لڳا آهن، جڏهن ته فرورٽ چاٽ، سموسا، پڪوڙا به غريب جي کائڻ کان چڙهي ويا آهن، ننڍو گوشت، وڏو گوشت، مرغي جي اگھه ۾ ٻيڻ تي واڌ ٿي وئي آهي.

اهڙي طرح سبزين جي اگهن ۾ دڪاندارن پاران پاڻمرادو 30 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي آهي، اگهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ ضلعي اوڀر انتظاميا پاران ڪو به تحرڪ نه ورتو ويو آهي.

جڏھن ته شھرين گڏاپ نيشنل پريس ڪلب جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ھن ڀلاري مهيني ۾ به منافعي خورن زندگيءَ جا رستا سوڙها ڪري ڇڏيا آهن. انتظاميا مهانگائي تي ڪنٽرول لاءِ تحرڪ وٺي.

ٻئي طرف دڪاندارن ٻڌايو ته اسان کي منڊي ۾ مال مھانگو ملي ٿو، ڊپٽي ڪمشنر کي گھرجي ته ھو روزانو منڊي ۾ ريٽ لسٽ چيڪ ڪري ۽ روزانو جي بنياد تي ريٽ لسٽ ڏني وڃي، علائقي واسين حڪومت سنڌ ۽ ڪمشنر ڪراچي کان مطالبو ڪيو آھي ته رمضان شريف جي ڀلاري مھيني ۾ مھانگائي جي جن کي جلد کان جلد قابو ڪري شھرين کي سستي اگھ تي عام واھپي جون شيون فراھم ڪيون وڃن.