وفاقي ڪابينا ۾ ردوبدل، ناڻي واري وزارت شوڪت ترين حوالي

news

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان ڪابينا ۾ ردوبدل ڪري ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب معاشيات جي ماهر شوڪت ترين کي نئون ناڻي وارو وزير بڻايو ويو آهي ۽ ان کي روينيو جون ذميواريون به سونپيون ويون آهن.

جڏهن ته حماد اظهر کي توانائي وارو وزير بڻايو ويو آهي ۽ خسرو بختيار کي صنعت ۽ پيداوار جي وزارت ڏني وئي آهي.

عمر ايوب جي وزارت تبديل ڪري ان کي اڪنامڪ افيئرز ۽ شبلي فراز کي سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جو وزير بڻايو ويو آهي.

فواد چوڌري کي سڌ سماءَ واري وزارت ڏني وئي آهي.