منهنجي خلاف داخل ڪيسن ۾ کنڊ جي قيمت وڌڻ جو ڪو ذڪر ئي ناهي: جهانگير ترين

news

لاهور: (ڇنڇر 17 اپريل 2021ع) جهانگير ترين چيو آهي ته منهنجي خلاف داخل ڪيسن ۾ کنڊ جي قيمت وڌڻ جو ڪوذڪر ئي ناهي.

لاهور بينڪنگ ڪوٽ ۾ پيشي کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي جهانگير ترين چيو ته  منهنجي خلاف 3 ڪيس آهن ان ۾ شوگر مل ۽ کنڊ جي قيمت وڌڻ جو ڪوبه ذڪر ناهي. منهنجي خلاف 8 کان 10 پراڻن معاملن جي ايف اءِ آر داخل ڪئي وئي آهي. مون سياست مان ڪاروبار ناهي  ٺاهيو. مان پهرين آبادگار هئس پوءِ واپار ۾ آيس ۽ ان کان پوءِ سياستدان بڻجيس. مان انڪم ٽيڪس ڏيندو آهيان ۽ مالي معاملن ۾ شفاف آهيان. جيڪي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ان ۾ فرضي ڪهاڻي ٺاهي وئي آهي.

جهانگير ترين چيو ته سوا سال کان وزيراعظم هائوس ناهيان ويو. منهنجو پاڪستان ۾ هڪ سٺو نالو آهي. منهنجي خلاف بي بنياد الزام لڳائي منهنجي ساک کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. خبر ناهي ڪردار ڪشي ڪير ڪري رهيو آهي پر خبر پئجي ويندي. ان کان اڳ جهانگير ترين لاهور جي بينڪنگ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو. بينڪنگ ڪورٽ لاهور جهانگير ترين ۽ علي ترين جي ضمانت ۾ 3 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي.

جهانگير ترين جي ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ وقت ان سان گڏ 26 قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر گڏ هئا. جن ۾ راجا رياض، سميع گيلاني، مبين عالم، خواجه شيراز، نعمان ننگريا، اجمل چيمه، نذير چوهاڻ، اسلم بهروانه، خرم لغاري، عمر آفتاب ڊهلون، زوار بلوچ، نذير بلوچ، لالا طاهر رندهاوا، عبدالحئي دستي، فيصل جيوانه، رفاقت گيلاني، امير محمد خان، عون چوڌري ۽ عمران شاهه شامل آهن.