ملڪ ۾ ڪورونا وبا وڌيڪ هڪ سئو ٻارنهن مريضن کان حياتيون کسي ورتيون

news

اسلام آباد:(ڇنڇر 17 اپريل 2021ع) ڪورونا وبا سبب اڄ 112 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جڏهن ته تقريبن 5 هزار هاڪاري ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 65 هزار 279 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کان پوءِ گڏيل ڪورونا 19 ٽيسٽن جو انگ 11.072.53 ٿي وئي آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ وڌيڪ 4 هزار 976  هاڪاري ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 750.158 ٿي وئي آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب هينئر تائين سنڌ ۾ 2 لک 71 هزار 524، پنجاب ۾ 2 لک 64 هزار 010، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 4 هزار 480، اسلام آباد ۾ 68 هزار 906، بلوچستان ۾ 20 هزا 760، آزاد ڪشمير ۾ 15 هزار 304 ۽ گلگت بلتستان ۾ 5 هزار 147 ڄڻن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 79 هزار 108 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 4 هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 112 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جنهن کان پوءِ هاڻ هن وبا سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو گڏيل طور tي انگ 16 هزار 094 ٿي ويو آهي.

اين سي او سي موجب ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن ۾ 4 هزار 181 مريض صحتياب ٿيا جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 654.956 ٿي وئي آهي.