ڀارت ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستاني ٽيم کي ويزه ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

news

نئين دهلي: (ڇنڇر 17 اپريل 2021ع) ڀارت ٽي 20 ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستاني ٽيم کي ويزا ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته بي سي سي آءِ جي ڪونسل ميتنگ ۾ منظوري جي باضابطه اطلاع ڏني وئي آهي. ان کان علاوه ڀارت ۾ ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي لاءِ پاڪستاني صحافين کي به ويزا ڏنا ويندا. ڀارت پاڪستاني شوقينن جي لاءِ ويزا بابت اڃان تائين ڪوبه فيصلو نه ڪيو آهي. ياد رهي ته هلندڙ سال آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ ورلڊ ٽي ٽوئنٽي جي شروعات ڀارت ۾ ٿيندي. جيڪو اڳ 2020 ۾ آسٽريليا ۾ ڪورونا وائرس سبب ملتوي ٿي ويو هو پر ان کان پوءِ ان کي ڀارت منتقل ڪيو ويو هو. ياد رهي ته گذريل مهيني پنهنجي هڪ بيان ۾ آءِ سي سي جي سي اي او جو چوڻ هو ته ورلڊ ڪپ جي لاءِ ڀارت جي  وينيوز جو جائزه جاري آهي. جيڪڏهن ڀارت ۾ ورلڊ ڪپ ٽي ٽوئنٽي  جي شروعات ممڪن نه ٿي ته ان جي متبادل تي متحده عرب امارات کي رکيو ويو آهي جتي اهو ٽورنامينٽ ڪرائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.