سلمان خان شاهه رخ جي فلم جو معاوضو وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

news

ممبئي: (ڇنڇر 17 اپريل 2021ع) بالي ووڊ جي دبنگ خان سلمان خان شاهه رخ جي فلم پٺان ۾ ادا ڪيل مختصر ڪردار جو معاوضو وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. سلمان خان ڀارتي فلم نگري ۾ بهائي جي نالي سان مشهور آهي. هو عملي زندگي ۾ به مختلف وقتن تي بهائي هجڻ جو ثبوت به ڏيندو رهندو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب يش راج جي نگراني هيٺ ٺهندڙ شاهه رخ خان جي فلم پٺان ۾ سلمان خان مختصر ڪردار ادا ڪيو آهي جنهن جي لاءِ فلمساز اديتا چوپڙا کيس ڳرو معاوضو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. معاوضي جي ادائيگي جي لاءِ جڏهن اديتا سلمان خان سان رابطو ڪيو ته هن معاوضو وٺڻ کان  صاف انڪار ڪري ڇڏيو. ڀارتي ميديا موجب اديتا چوپڙا سلمان خان کي معاوضو ڏيڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي پر بالي ووڊ جي سلطان جواب ڏنو ته شاهه رخ خان منهنجي ڀاءُ جهڙو آهي ان جي لاءِ مان سڀ ڪجهه ڪري سگهان ٿو. سلمان خان طرفان معاوضو نه وٺڻ تي اديتا چوپڙا هاڻ کيس مهانگو تحفو ڏيڻ جو سوچي رهيو آهي.