مڙس جي پئسا نه ڏيڻ سبب ڪيترائي مهينا بک تي سمهندي هئس: ڪومل رضوي

news

لاهور: (ڇنڇر 17 اپريل 2021ع) پاڪستاني گلوڪاره ڪومل رضوي انڪشاف ڪيو آهي ته مان شادي کان پوءِ جڏهن عمان ۾ موجود هئس ته مون کي مڙس جي سلوڪ سبب ڪيترائي مهينا بک تي سمهڻو پيو. اداڪاره تازو ئي هڪ نجي ٽي وي چينل جي شو ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ هن پنهنجي ناڪام زندگي بابت ڳالهيون ڪيون.  گلوڪاره چيو ته جيڪڏهن هڪ ڇوڪري  ازدواجي زندگي ۾ پاڻ کي بي يارو مددگار سمجهي ته ان جو پڙهيل لکيل مضبوط ۽ خود مختار هجڻ معنيٰ نٿو رکي. ڪومل رضوي ٻڌايو ته مان پنهنجي مڙس کي 6 سالن تائين برداشت ڪيو هو ذهني طور تي بيمار هو ۽ مون کي مارڪٽ به ڪندو هو. هن ٻڌايو ته شادي شده زندگي جي دوران ڪيترائي ڀيرا بک  تي ستس ڇو ته مڙس پئسا نه ڏيندو هو ان وقت عمان ۾ رهندي هئس ۽ ڪوبه ڪم نه ڪندي هئس. 4 سال قيد رهيس ان دوران ڪڏهن ٽيوشن پڙهائي ڪجهه پئسا ڪمايا پر مون به پڪو فيصلو ڪيو ته هاڻ ڪجهه ڪرڻو آهي. جنهن کان پوءِ ڪورس ڪيو ۽ رڌ پچاءُ کي جنهن کان پوءِ مان عمان جي اسٽورز ۾  کاڌو سپلاءِ ڪندي هئس. هن چيو ته جڏهن مڙس مون کي تشدد ڪري زخمي ڪيو ته والدين کي شڪ ٿي ويو ۽ انهن مون کي واپس اچڻ جي لاءِ چيو. جنهن کان پوءِ هڪ ڏينهن والد آيو ۽ مون کي پاڻ سان گڏ پاڪستان واپس وٺي آيو. ڪومل رضوي اڄ جي عورتن جي لاءِ پيغام ڏيندي چيو ته مان شايد پهرين ڇوڪري آهيان جيڪا اهو چئي رهي آهي ته ڇوڪرين وٽ تعليم هجي يا نه هجي پر هنر جو هجڻ تمام گهڻو ضروري آهي.