وفاقي حڪومت پهرين کان اٺين ڪلاس جا اسڪول عيد تائين بند رکڻ جو فيصلو ڪري ورتو

news

اسلام آباد: (آچر 18 اپريل 2021ع) وفاقي حڪومت پهرين کان اٺين تائين جا اسڪول عيد تائين بند رکڻ ۽ 6هين کان 12هين تائين تعليمي ادارا  سڀاڻي کان سخت ڪورونا ايس او پيز سان کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

رپورٽ  موجب تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جي سربراهي ۾ بين الصوبائي تعليم واري وزيرن جو هنگامي اجلاس ٿيو جنهن ۾ سمورن تعليم وارن وزيرن وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ تعليمي ادارن ۾ ڪلاسز جي بحالي تي ڳالهيون ڪيون ويون.

اجلاس ۾ سمورن صوبائي تعليم وارن وزيرن بورڊز ڪلاسز شروع ڪرڻ جي سفارش ڪئي. پر اين سي او سي جي اختيارين جو چوڻ هو ته ڪيسز وڌي رهيا آهن. هن وقت تعليمي ادارا نه کوليا وڃن ته بهتر  ٿيندو.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سڄي ملڪ ۾ پهرين کان اٺين تائين جا اسڪول عيد تائين بند رکيا ويندا. جڏهن ته 8 کان 12 تائين جا تعليمي ادارا سڀاڻي کان سخت ڪورونا ايس او پيز سان کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ او، اي ليول امتحان شيڊول موجب وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته چيو ويو آهي ته ڪورونا جي وڌيڪ شرح وارين يونيورسٽين ۾ آن لائن جو سلسلو جاري رهندو.