افغان پرڏيهي وزير جو شاهه محمود قريشي سان دبئي ۾ ٽيليفون تي رابطو

news

ابوظهبي: (آچر 18 اپريل 2021ع) افغان پرڏيهي وزير محمد حنيف آتمر دبئي ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي.

ٻنهي اڳواڻن افعان امن عمل تي   هينئر تائين جي سامهون ايندڙ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.  پاڪستان جي پرڌيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته اسان هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان، پاڪستان جي مفاد ۾ آهيون. اسان افغانستان ۾ پرتشدد واقعن ۾ گهٽتائي جا خواهشمند آهيون. پاڪستان، افغانستان سميت خطي ۾ امن جي قيام لاءِ ڪيل ڪوششن ۾ ڀائيوار آهي.

هن جو چوڻ هو ته پاڪستان افغانستان کي پرامن ۽ مستحڪم بنائڻ جي لاءِ پنهنجي مدد جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي وزير اميد ظاهر ڪئي ته افغانستان ۾ امن جي لاءِ ڪيل ڪوششن ۾ استنبول پراسس دوحه ايگريمنٽ کي  نتيجا ڏيندڙ بنائڻ جي لاءِ  مددگار ثابت ٿيندو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ٽيليفون تي رابطي تي پنهنجي افغان هم منصب محمد حنيف آتمر جو ٿورو به ادا ڪيو.

افغان پرڏيهي وزير محمد حنيف آتمر افغان  امن عمل کي نتيجا ڏيندڙ بنائڻ جي لاءِ پاڪستان جي لاڳيتو  سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي مدد جي تعريف ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جو دورو ادا ڪيو.