چين مان ڪورونا ويڪسين جون وڌيڪ ويهه لک خوراڪون جلد پاڪستان پهچڻ جو امڪان

news

بيجنگ: (آچر 18 اپريل 2021ع) چين مان ڪورونا کان بچاءُ جي ويڪسين جون وڌيڪ 20 لک خوراڪون 21 کان 23  اپريل جي وچ ۾ پاڪستان پهچڻ جو امڪان آهي.

پاڪستان پهچندڙ خوراڪن ۾ سائنو ويڪ ويڪسين جي پهرين کهيپ به شامل آهي. پندرنهن لک ويڪسين پاڪستان پاران خريد ڪئي وئي آهي جڏهن ته 5 لک خوراڪون چين تحفي طور ڏنيون آهن.

مئي جي شروعات ۾ ڪين سائنوبائيو ويڪسين جي کهيپ به پاڪستان پهچندي.