چين دنيا جو پهريون اسمارٽ فون متعارف ڪرائي ڇڏيو جنهن کي فولڊ ۽ رول ڪري سگهبو

news

بيجنگ: (سومر 19 اپريل 2021ع) چين جي اپلائنسز ڪمپني ٽي سي ايل دنيا جو پهريون فولڊ اينڊ رول ايبل اسمارٽ فون پيش ڪري ڇڏيو.

فولڊ اين رول نالي اسمارٽ فون جي اها نئين پيشڪش ٻن مختلف ڊيوائسز جي بجاءِ هڪ ئي فون آهي جنهن ۾ ڊسپلي جي طريقي کي ٻن مختلف اندازن ۾ پکيڙيو ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب في الحال اهو اسمارٽ فون هڪ پروٽو ٽائپ يا ڪانسيپٽ ڊيزائن آهي جنهن کي مارڪيٽ ۾ آڻڻ جي لاءِ ڪمپني کي ڪجهه وقت گهربل آهي جڏهن ته ٽي سي ايل جي طرفان هلندڙ سال جي آخر تائين لچڪدار اسڪرين واري پهرين ڊيوائس متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

فولڊر اصل ۾ هڪ آئوٽ ورڊ فولڊر آهي جنهن ۾ موجود رول ايبل ميڪنزم اسڪرين کي پکيڙڻ ۾ مدد ڏيندو آهي. هي فون ڏسڻ ۾ 6.87  انچ اسڪرين جو آهي پر فون جي اسڪرين فولڊ ڪرڻ تي 8.85 انچ تائين ٿي سگهي ٿي ۽ فون جي اها خاصيت ان فولڊر کي هينئر تائين جي سڀني کان ڊگهي اسڪرين وارو فون بنائيندي آهي.

ميڊيا رپورٽ موجب اسمارٽ فون جو رول ايبل ميڪنزم فون جي اسڪرين کي 10 انچ تائين(ٽيبليٽ جي صورت ۾) پکيڙي سگهي ٿو.