فرانس جي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ سان نقصان پاڪستان جو ٿيندو: وزيراعظم عمران خان

news

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان موجوده ملڪي معاملن تي قوم سان خطاب ۾ چيو آهي ته فرانس جي سفير کي واپس موڪليو ته ڪو ٻيو يورپي ملڪ ائين ئي ڪندو.

هن چيو ته سفير کي واپس موڪلڻ سان فرانس کي ڪو فرق نه پوندو، ڇا گارنٽي آهي ته سفير کي واپس موڪلڻ سان ٻيهر گستاخي نه ٿيندي.

وزيراعظم چيو ته فرانس سان لاڳاپا ختم ڪرڻ جو نقصان فرانس کي نه رڳو اسان کي ٿيندو. وڏي مشڪل سان ملڪي معيشت مٿي وڃڻ لڳي آهي، روپيو مستحڪم ٿي رهيو آهي، شيون سستيون ٿي رهيون آهن، جيڪڏهن فرانس سان لاڳاپا ختم ڪيا ته ان جو مطلب اهو ٿيندو ته اسان يورپي يونين سان لاڳاپا ختم ڪري ڇڏينداسين ۽ ائين ڪرڻ سان پاڪستان جي ٽيڪسٽائل انڊسٽري کي نقصان پهچندو، ڇو ته پاڪستان جي اڌ ٽيڪسٽائل ايڪسپورٽ يورپي ملڪن ۾ ٿيندي آهي.

وزيراعظم عمران خان چيو ته ان ڳالهه جي ڪا گارنٽي ناهي ته فرانس جي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ سان ٻيهر ايئن نه ٿيندو، بلڪه ڪو ٻيو يورپي ملڪ ان معاملي کي آزادي اظهار جو معاملو بڻائي ايئن ئي ڪندو.

وزيراعظم عمران خان چيو ته پنهنجي ئي ملڪ ۾ ٽوڙ ڦوڙ ڪري ڪو فائدو ناهي، دنيا ۾ 50 مسلم ملڪ آهن پر ڪٿي به ائين ناهي ٿي رهيو.

هن چيو ته ٽي ايل پي ۽ اسان جو مقصد هڪ ئي آهي ته شان رسالت ۾ گستاخي جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي، ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان جو ۽ ٽي ايل پي جو طريقيڪار مختلف آهي، فرانس جي سفير کي ڪڍي اهو مقصد حاصل نٿو ڪري سگهجي.

وزيراعظم چيو ته مسلم ملڪن کي متحد ٿي ان معاملي تي تمام بين الاقومي فورمز، يورپي يونين ۽ اقوام متحده وغيره ۾ ڳالهيون ڪرڻ گهرجن ۽ انهن کي سمجهائڻ گهرجي ته ڇو اسان جي دل آزاري ٿيندي آهي.

وزيراعظم قوم کي اپيل ڪئي ته هي وقت گڏجڻ جو آهي، ملڪ وڏي مشڪل سان مٿي اچي رهيو آهي، رخ ٺيڪ آهي، هي وقت ملڪ کي نقصان پهچائڻ جو ناهي.