جاپان جي وزيراعظم ڀارت جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو

news

ٽوڪيو: جاپان جي وزيراعظم يوشيهدي سوگاني پنهنجو ڀارتي دورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.

پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب جاپان جي وزيراعظم هلندڙ مهيني جي آخر ۽ مئي جي شروعات ۾ فلپائن ۽ ڀارت جو دورو ڪرڻو هو پر هن ٻنهي ملڪن جا دورا ملتوي ڪري ڇڏيا آهن.

جاپان جي وزيراعظم ڀارت جو دورو وڌندڙ ڪورونا ڪيسن سبب ملتوي ڪيو آهي.

ياد رهي ته هن وقت تائين سڀني کان وڌيڪ ڪيس ۽ موت رپورٽ ٿي چڪا آهن ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڀارت ۾ تقريبن 3 لک ڪيس ۽ 2 هزار کان وڌيڪ فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن.

دلي جي اسپتالن ۾ آڪسيجن جي کوٽ ٿي پئي آهي، حڪومت جي مدد لاءِ سوشل ميڊيا تي اپيل پئي ڪئي وڃي، دلي ۾ هر ٽئين ماڻهوءَ جي رپورٽ مثبت اچي رهي آهي.

ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن جي ڪري ڀارت ۾ لاشن کي دفنائڻ ۽ ساڙڻ لاءِ جاءِ گهٽ ٿي وئي آهي.