پنجاهه کان اوڻهٺ سالن جي عمر وارن ماڻهن جي ويڪسينيشن جي اڄ کان شروعات

news

لاهور: (اربع 21 اپريل 2021ع) سڄي ملڪ ۾ 50 کان 59 سالن تائين جي عمر جي ماڻهن جي ويڪسينيشن جي اڄ کان شروعات ٿي وئي شهرين. کي چيني ويڪسين سائنوفارم لڳائي ويندي. ايڪسپو سينٽر لاهور سميت سمورن  سينٽرز ۾ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.

سي اي او هيلٿ لاهور چيو آهي ته لاهور ۾ 5 جڏهن ته پنجاب ۾ 126 ويڪسينيشن سينٽر فعال آهن. ويڪسينيشن سينٽرز ۾ عملي سميت سهوليتن کي به وڌايو ويندو. ٻئي طرف نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب ڪورونا وائرس وگهي 148 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

ان حوالي سان صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد چيو آهي ته حڪومت ۽ عوام گڏجي ڪورونا کي شڪست ڏينداسين. عوام ڪورونا کان بچاءُ جي لاءِ احتياط ڪري. پاڪستان ۾ ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جو عمل ڪافي سستي جو شڪار آهي.