جيڪب آباد پوليس خلاف واٽر سپلاءِ علائقي واسين جو احتجاج، ٻن ڀائرن کي کنڀي گم ڪرڻ جو الزام

news

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي سٽي پوليس خلاف واٽر سپلاءِ علائقي جي رھواسين معشوق علي پنهنجي پيرسن امڙ سسئي ۽ ٻارن سان گڏجي پريس ڪلب آڏو پھچي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

نوجوان معشوق ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته ٽي ڏينهن اڳ سٽي پوليس ٻن ڀائرن الھداد ۽ نظر محمد جکراڻي کي کنڀي کڻي وئي گذريل ٽن ڏينهن کان ڀائر لاپتا آھن، ھن چيو ته ڀائرن جي آزادي لاءِ سٽي ٿاڻي جي ايس ايڇ او سان ملاقات ڪئي ته ان آزاديءَ لاءِ 6 لک روپيا رشوت طلب ڪئي آهي، رشوت نه ڏيڻ جي صورت ۾ ڀائرن کي ھاف فراءِ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي.

پوليس جي مبينا اھڙي زيادتين خلاف نوجوان معشوق جکراڻي پاڻ مٿان پيٽرول هاري باهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس اھلڪارن کيس بچائي ورتو، احتجاج ڪندڙن ڳوٺاڻن دانھيو آهي ته اسين غريب آهيون کائڻ لاءِ ڪجهه ناهي پوليس کي 6 لک ڪٿان ڏيون، ھن چيو ته جيڪڏهن ڀائرن مٿان ڪيس داخل ٿيل آهي ته ان کي ظاهر ڪيو وڃي.

مظاهرين آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد کان مطالبو ڪيو ته کنڀي گم ڪيل ٻنهي نوجوانن کي آزاد ڪيو وڃي، رشوت طلب ڪندڙ عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او سٽي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نوجوان کي کنڀي گم ڪرڻ ۽ رشوت طلب ڪرڻ جي ڳالهه ۾ صداقت ناهي، ٽي ڏينهن اڳ گرفتار ڪيل نوجوانن کي ظاهر نه ڪرڻ واري سوال تي ايس ايڇ او ڪال ڪٽي ڇڏي.