جاپان ۾ عورتن سان دوستي ڪري تحفا وصول ڪندڙ جوابدار گرفتار

news

ٽوڪيو: (ڇنڇر 24 اپريل 2021ع) جاپان ۾ عورتن سان دوستي ڪري تحفا وصول ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب جاپان جي علائقي ڪنسائي ۾ پوليس 30 ساله تڪاشي مياگوا نالي شخص کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جيڪو هينئر تائين 35 مختلف عورتن کي ڌوڪو ڏيندي کانئن تحفا وصول ڪري چڪو آهي. پوليس موجب جوابدار عورتن سان دوستي ڪري انهن کان هڪ سال جي دوران مختلف تاريخن ۾ پنهنجي سالگره جي نالي تي ڌوڪو ڏيڻ جي ذريعي تحفا وصول ڪري چڪو آهي.

جوابدار نڪاشي مياگوا جي اصل ۾ پيدائش جي تاريخ 13 نومبر آهي پر  هو عورتن کي پنهنجي سالگره جي مختلف تاريخن جو ٻڌائي انهن کان تحفا وصول ڪندو رهيو. جوابدار پنهنجي هڪ 47 سالن جي دوست عورت کي پنهنجي سالگره جي تاريخ 22 فيبروري ٻڌائي جڏهن ته 40 ساله دوست کي جولائي ۽ هڪ ٻئي 35 ساله گرل فرينڊ کي اپريل ۾ پنهنجي سالگره جو ٻڌايو.

مقامي ميڊيا موجب هينئر تائين 35 اهڙيون عورتون سامهون اچي چڪيون آهن جن کان جوابدار ڌوڪو ڏيڻ جي ذريعي تحفا وصول ڪري چڪو آهي. جڏهن ته وڌيڪ متاثر عورتن جي سامهون اچڻ جو امڪان آهي. پوليس موجب معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.