جيڪب آباد ۾ عدالتي حڪمن جي لتاڙ، اضافي چارجون رکندڙ جونيئرز آفيسرن جي ڀرمار، اڪثر آفيسن مان غائب

news

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد ۾ عدالتي حڪمن جي لتاڙ، اضافي چارجون رکندڙ جونيئرز آفيسرن جي ڀرمار، ٻه چارجون رکندڙ آفيسرز اڪثر آفيس مان غائب، پري پري کان ڪم سانگي ايندڙ شھري سخت پريشان.

خبر موجب جيڪب آباد ۾ عدالتي حڪمن جي کليل لتاڙ ڪئي وئي آهي، جونيئرز آفيسرن کي سينئر گريڊ جي اضافي چارجن سان نوازيو ويو آهي ايجوڪيشن ورڪس کاتي ۾ تعلقه ٺل جي اي اِي اين کي ايڪسئين جي اضافي چارج ڏني وئي جيڪو سب انجنيئر جو به اختيار استعمال ڪري رھيو آھي، تعليم کاتي ۾ شڪارپور جي ڊي اي او پرائمري کي چارج ڏني وئي، جڏهن ته ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي ڊي اي او پرائمري کي جيڪب آباد جي ڊي اي او سيڪنڊري جي چارج سان نوازيو ويو، جڏھن ته اھي سيٽون 2020 کان خالي پيل ھيون.

ان کانسواءِ ھاءِ وي کاتي جي اي اِي اين کي ايڪسئين ھاءِ وي سميت ايڪسئين بلڊنگس جيڪب آباد جون ٻه اضافي چارجون ڏنيون ويون آهن، اضافي چارج رکندڙ آفيسرز اڪثر وقت آفيس ۾ موجود نه ھئڻ جي شڪايت وڌي وئي آھي، جنھن سبب پري پري کان ڪم سانگي ايندڙ شھرين کي پريشاني ۽ مايوسي جو منهن ڏسڻو پوي ٿو عدالتي حڪمن جي کلي لتاڙ جي نوٽيس وٺڻ جي ضرورت آهي.