جيڪب آباد:ارڙي تي ضابطو نه آيو،وڌيڪ هڪ ٻار فوت، انگ پنڌرهن ٿي ويو

news

جيڪب آباد(رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد ۾ ارڙي وبا تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي، ڳوٺ آدم خان پنهور واسي ممتاز جو 3 ورھين جو ٻار شاھن ارڙي مرض سبب سول اسپتال ۾ فوت ٿي ويو جنهن بعد ضلعي ۾ ارڙي وبا سبب فوت ٿيندڙ ٻارن جو انگ 15 کان وڌي ويو آهي جڏهن ته ڊي ايڇ او جيڪب آباد ڊاڪٽر عبدالغفار رند 7 ٻارن جي ارڙي سبب فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي، جيڪب آباد ضلعي ۾ ارڙي وبا جي ڦھلجڻ جو صوبائي وزير صحت 20 ڏينهن اڳ نوٽيس ورتو هو جنهن بعد ڊائريڪٽر صحت جيڪب آباد پھچي ٺل، ڳڙهي خيرو ۽ جيڪب آباد ۾ ارڙي وبا جي علائقن جو دورو پڻ ڪيو ھو جنھن بعد ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد جي آفيس ۾ ضلعي عملدارن سان اجلاس ڪوٺائي ارڙي وبا تي ضابطو آڻڻ لاءِ سخت حڪم ڏنا ھئا پر ان باوجود به ضلعي ۾ ارڙي وبا ٻارن لاءِ ڏائڻ بڻيل آهي.

ان سلسلي ۾ ڊي ايڇ او جيڪب آباد ڊاڪٽر عبدالغفار رند رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ضلعي ۾ ارڙي مرض سبب فوت ٿيل ٻارڙن جو انگ ست آهي، ھر ٻار جي فوتگي ارڙي سبب نه ٿي رهي آهي، ارڙي وبا تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.