بدين ضلعي ۾ سماجي تنظيم پاران ڳوٺاڻن ۾ صحت ۽ صفائي جو سامان ورهايو ويو

news

بدين (رپورٽ: تنوير احمد) ملڪ جي ناليواري سماجي تنظيم هينڊز طرفان سي بي ايم جي تعاون سان معذوري جي حوالي سان شروع ڪيل پروگرام تحت ڪورونا وائرس کان بچڻ لاءِ بدين ضلعي جي مختلف ڳوٺن جي ڳوٺاڻن ۾ صحت ۽ صفائي جو سامان ورهايو ويو.

ان سلسلي ۾ هينڊز جي ڊسٽرڪٽ پروجيڪٽ مئنيجر مشعل ميمڻ صحافين کي ٻڌايو ته سماجي تنظيم هينڊز طرفان  سماجي تنظيم سي بي ايم جي تعاون سان بدين ضلعي جي 131 ڳوٺن ۾ ماڻھو ساڻ معذوري جي حوالي سان 12 سالن جي عمر کان وٺي 60 سالن جي مردن ۽ عورتن کي ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ صحت ۽ صفائي جو سامان ورهايو پيو وڃي، جن ڳوٺن ۾ ڳوٺاڻن کي ڪورونا وائرس کان بچاءُ سميت صحت جون اهي سهولتون ميسر نه آھن.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته سي بي ايم بين الاقوامي سماجي تنظيم آھي جيڪا پوري دنيا ۾ معذور ماڻھن جي فلاح بهبود تي ڪم ڪري رهي آھي، بدين ضلعي جي 131 ڳوٺن ۾ معذور ماڻھن کي پنهنجن پيرن تي بيهڻ لاءِ انهن جي تربيت ڪرڻ سان گڏ انهن جي معاشي زندگي سنوارڻ لاءِ پڻ انهن معذور ماڻھن جي مالي سهائتا پڻ ڪئي پئي وڃي.