شياومي ٻه سئو ميگاپڪسل ڪيمرا وارو اسمارٽ فون آڻڻ جون تياريون شروع ڪري ڏنيون

news

بيجنگ: (اربع 28 اپريل 2021ع) اسمارٽ فون تيار ڪندڙ ٽيڪنالاجي ڪمپني شياومي 200 ميگا پڪسل ڪيمرا وارو اسمارٽ  فون متعارف ڪرائڻ جي منصوبه بندي ڪري رهيو آهي.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب شياومي هن وقت 200 ميگا پڪسل ڪيمرا سينسر جهڙي خصوصيت واري اسمارٽ فون تي ڪم ڪري رهي آهي پر هن وقت سڀني کان وڌيڪ طاقتور ترين ڪيمرا 108 ميگاپڪسل آهي. رپورٽ موجب متعارف ڪرائيندڙ فون جي ڪيمرا ۾ 0.64 وي ايم پڪسلز هوندا جيڪي هينئر تائين جا سڀني کان ننڍا  پڪسلز آهن پر  اڃان اهو واضح ناهي ٿي سگهيو ته ڪمپني طرفان 200 ايم پي فون ڪيستائين متعارف ڪرايو ويندو.

ان کان اڳ هڪ رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته ڏکڻ ڪورين ڪمپني سام سنگ هڪ 200 ميگاپڪسل سينسر ڪيمرا وارو اسمارٽ فون متعارف ڪرائي رهي آهي پر  ان ڪيمرا ۾ 0.65 پي ايم ايل يونٽ پڪسلز هوندا. پر هاڻ اهو چيو پيو وڃي ته اهو اعزاز ڏکڻ ڪورين ٽيڪنالاجي ڪمپني سام سنگ جي بجاءِ شياومي کي حاصل هوندو.