آءِ فون جا اپ ڊيٽ لاءِ نوان تڪراري پر اهم فيچرز

news

واشنگٽن: (خميس 29 اپريل 2021ع) ايپل ڪمپني آءِ فون ۽ آءِ پيڊ آپريٽنگ سسٽم جي لاءِ نئين اپڊيٽ 105.14.5 جاري ڪري ڇڏيا آهن. ايپل هن نئين اپ ڊيٽ ۾ ڪجهه منفرد پر تڪراري فيچر شامل ڪيا آهن ڪنهن فيچر کي فيس بڪ جي طرفان تنقيد جو نشانو بنايو پيو وڃي ته ڪنهن فيچر کي ڊيزائن ڪاپي ڪرڻ جي الزام کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

ايپل پنهنجي نئين آپريٽنگ سسٽم ۾ ڪورونا 19 جي حوالي سان  هن اهم فيچر جو اضافو ڪيو آهي. هاڻ ايپل استعمال ڪندڙ ماسڪ لاهڻ کان سواءِ ئي پنهنجي فون کي ان لاڪ ڪري سگهن ٿا. ان کان اڳ جي آپريٽنگ سسٽمز ۾ ايپل جو چهري جي سڃاڻپ لاءِ فنڪشن ان وقت ڪم نه ڪندو هو جڏهن استعمال ڪندڙ ماسڪ پائي رکيو هجي.

ايپل موجب هن نئين فيچر کي استعمال ڪرڻ جي لاءِ ايپل گهڙي به اوهان جي ٻانهن تي ٻڌل هجڻ گهرجي. استعمال ڪندڙ کي صرف پنهنجي موبائل جي ڪيمري ۾ ڏسڻو پوندو ۽ کيس ايپل واچ تي پيغام ملي ويندو ته اوهان جو آءِ فون ان لاڪ ٿي چڪو آهي. ان کان علاوه ايپ ٽريڪنگ ٽرانسپيرينسي جي هن نئين فنڪشن ۾ استعمال ڪندڙ کي اهو اختيار ڏنو ويو آهي ته هو ٽيڪنالاجي ڪمپنين خاص طور فيس بڪ وغيره کي پنهنجي آن لائن سرگرمين کي ٽريڪ جي اجازت ڏيڻ چاهي ٿو يا نه. جيئن ئي استعمال ڪندڙ نئين ايپ استال ڪندو. فورن ئي هڪ پوپ اپ کلي ويندو ته اوهان مذڪوره ايپ کي پنهنجي آن لائن سرگرمين کي ٽريڪ ڪرڻ جي اجازت ڏيندو يا نه.

فيس بڪ ۽ اهڙي طرح جون ٻيون ڪمپنيون صارفين کي سرگرمين تي ٻڌل ڊيٽا جي بنياد تي ئي ٽارگيٽيڊ اشتهار تخليق ڪنديون آهن اهوئي سبب آهي ته فيس بڪ ايپل جيان هن نئين تبديلي جي کلي عام مخالفت ڪري چڪو آهي ڇو ته فيس بڪ جيترو گهٽ اوهان جي باري ۾ ڄاڻندو ان کي اشتهارن جي مد ۾ اوترا ئي پئسا گهٽ ملندا.