امجد صابري کي مداحن کي وڇڙيي پنج سال گذري ويا

news

ڪراچي: مداحن جي دلين تي راڄ ڪندڙ مشهور قوال امجد صابري کي اسان کان وڇڙيي 5 سال گذري ويا.

امجد صابري جي پنجين ورسي جي موقعي تي سندس ننڍي ڌيءَ پريسا صابري انسٽاگرام تي سندس والد سان گڏ ننڍپڻ جي هڪ تصوير شيئر ڪندي والد جي ياد جو هڪ پيغام لکيو.

پريسا پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته کيس سندس والد جو آواز ٻڌئي سال گذري ويا آهن ۽ اڃان به يقين نٿو اچي ته 5 سال گذري ويا، هن وڌيڪ لکيو ته توکان سواءِ رهڻ آسان ناهي.

امجد صابري کي 5 سال اڳ 22 جون 16 رمضان المبارڪ تي ڪراچي ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو، امجد صابري 23 ڊسمبر 1976 ۾ ڪراچي جي مشهور قوال صابري گهراڻي ۾ اک کولي، هن جو والد غلام فريد صابري به قوالي جي دنيا جو وڏو نالو هو.