چوهڙ جمالي جي جوڙي بدين ۾ عدالتي پرڻو ڪري ڇڏيو، تحفظ جي اپيل

news

بدين (رپورٽ: تنوير احمد) چوهڙ جمالي جي ڳوٺ جعفر ماڃريو ملاح جي ناري نظيران ڌيءَ غازي ماڃريو ملاح ۽ ڳوٺ جلال شاهه جي رهواسي محمد سليم پٽ محمد خان شيدي بدين ۾ عدالت ۾ پرڻو ڪري ڇڏيو.

جنهن بعد صحافين سان ڳالهائيندي ناري نظيران چيو ته اسان ڪافي عرصي کان هڪٻئي کي چاهيندا هئاسين پر اسان جي مائٽن اسان جي شادي ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنھن سبب گهران ٽن ڪپڙن ۾ نڪري پنهنجي رضا خوشيءَ سان سليم شيدي سان پرڻو ڪيو آهي.

هن الزام هنيو ته مرضي سان پسند جي شادي بعد منهنجو پيءُ غازي ماڃرو، مامون شيرو ماڃرو، غلام ماڃرو، يوسف ماڃرو، بخشو ماڃرو ۽ جمن ماڃرو اسان کي ڪارو ڪاري جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جنهن سبب اسان انهن مان جان ۽ مال جو خطرو آهي.

هنن ايس ايس پي بدين سجاول ۽ ٺٽو کان مطالبو ڪيو ته اسان کي جان ۽ مال جو تحفظ فراهم ڪيو وڃي.