آمريڪا ۽ آسٽريليا ڀارت مٿان سفري پابنديون لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو

news

واشنگٽن:(ڇنڇر 01 مئي 2021ع)  آمريڪا  ڪورونا وائرس جي ڪيسن سبب ڀارت مٿان سفري پابنديون لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

وائٽ هائوس جي ترجمان موجب آمريڪي صدر جوبائيڊن ڀارت تي سفري پابنديون لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ڀارت مان آمريڪا ايندڙ سمورين اڏامن تي پابندي هوندي. هن چيو ته ڀارتي اڏامن تي 4 مئي کان فيصلو لاڳو هوندو. آمريڪا ۾ مستقل رهائش جو اجازت نامو رکندڙ کي 4 مئي تائين مهلت هوندي ۽ 4 مئي کان پوءِ ڪنهن کي به ڀارت کان آمريڪا اچڻ جي اجازت نه هوندي.

سفري پابندي جو فيصلو ڀارت ۾ ڪورونا وبا جي شدت سبب ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف آسٽريليا به ڀارت مان ايندڙن تي سفري پابنديون وڌيڪ سخت ڪري ڇڏيون آهن ۽ ڀارت مان ايندڙ تي مڪمل پابندي لڳائي ڇڏي آهي. گذريل 14 ڏينهن دوران ڀارت ويندڙ شهرين تي به آسٽريليا ۾ داخلا تي پابندي هوندي. جڏهن ته سفري پابندين جي ڀڃڪڙي تي 5 سال قيد ۽ 66 هزار ڊالر ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو.