جيڪڏهن ڊگهي ڪرڪيٽ کيڏڻي آهي ته فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ کي اهميت ڏيڻي پوندي: حسن علي

news

لاهور: (آچر02 مئي 2021ع) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر ۽ زمبابوي جي خلاف پهرين ٽيسٽ جي مين آف دي ميچ حسن علي چيو آهي ته جيڪڏهن وڏي ڪرڪيٽ کيڏڻي آهي ته فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ کي اهميت ڏيڻي پوندي.  هراري مان وڊيو ڪانفرنس ڪندي حسن علي چيو ته منهنجي واپسي ۾ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ جو ڪافي اهم ڪردار آهي. جيڪا ڊوميسٽڪ ۾ محنت ڪئي ان جو ئي ڦل انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ ملي رهيو آهي.

حسن علي چيو ته مون پنهنجي فٽنس ليول تي تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ ڊگهي ڪرڪيٽ کيڏڻ جو ڪافي تجربو ٿيو آهي. پهريون ڀيرو بيڪ ٽو بيڪ ايترا فرست ڪلاس ميچز کيڏيا هئا. جڏهن ٻائر هئس ته هڪ وقت هو جڏهن مان ڪافي پريشان هئس. لڙڪ به لاڙيا هئم پر پنهنجي محنت جي سلسلي  کي ڪڏهن به نه ڇڏيو اهو سوچيو هو ته واپسي ضرور ڪندس ۽ ائين ڪندس جو سموري دنيا ڏسندي.

هڪ سوال تي هن چيو ته منهنجي سيليبريشن جو منهنجو انجري سان ڪوبه تعلق نه آهي. ڊگهي ڪرڪيٽ کيڏڻي آهي ته فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ضرور کيڏندس. فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ کيڏڻ سان تمام گهڻي مدد ملندي آهي. جيڪڏهن ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏڻي آهي ته فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ضرور کيڏڻي آهي. مان هميشه کان ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏڻ چاهي ٿي.

هن وڌيڪ چيو ته واپسي جو سفر گهڻو مشڪل هو. 2 سال ڪرڪيٽ کان ٻاهر رهيو هئس مان پنهنجي فٽنس تي تمام گهڻو ڪم ڪيو هو. ڌيئرون الله جي رحمت هونديون آهن. جڏهن کان منهنجي ڌيءَ دنيا ۾ آئي آهي منهنجي پرفارمنس بهتر ٿي آهي.