ٽيم ۾ واپسي: شعيب ملڪ پريڪٽس شروع ڪري ڇڏي

news

لاهور: (آچر02 مئي 2021ع) شعيب ملڪ جي قومي ٽيم ۾ واپسي لاءِ پريڪٽس جاري آهي. هو پي ايس ايل ۾ بهترين ڪاڪردگي سان پنهنجو ڪيس مضبوط بنائڻ چاهي ٿو.

دبئي مان واپسي کان پوءِ شعيب ملڪ هن وقت هڪ ٽي وي شو جي لاءِ ڪراچي ۾ موجود آهي. ان دوران ان جي ٽريننگ به جاري آهي کيس گذريل سال انگلينڊ جي دوري کان پوءِ قومي ٽيم کان ڊراب ڪيو ويو هو.

ويجهن ذريعن ٻڌايو آهي ته شعيب ملڪ همت ناهي هاري ۽ قومي ٽيم ۾ واپسي جي لاءِ پرعزم آهي. هن ايندڙ مهيني ڪراچي ۾ شيڊول پي ايس ايل ۾ بهترين ڪارڪردگي سان  اختيارين جو ڌيان پنهنجي طرف ڪرائڻ جو ارادو ڪري ڇڏيو آهي.

ڏکڻ آفريقا ۽ زمبابوي جي خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ مڊل آرڊر بيٽنگ ۾ پاڪستان جو هر تجربو ناڪام رهيو هو. ڀارت ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کي نظر ۾ رکندي اڳوڻا رانديگر به شعيب ملڪ جي واپسي جا حامي نظر آيا هئا.