حسن ۽ فواد جي بهترين راند سبب ڪپتان بابر اعظم پاران خوشي جو اظهار

news

ڪراچي: (آچر02 مئي 2021ع) حسن علي ۽ فواد عالم جي بهترين راند تي ڪپتان بابر اعظم  خوشي جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي.

زمبابوي جي خلاف پهرين ٽيسٽ ۾ اننگز جي فتح کان پوءِ ڪپتان بابر اعظم چيو ته پهرين سيشن ۾ بالرز سٺي بالنگ ڪئي. پهرين اننگز ۾ زمبابوي کي جلد آئوٽ ڪرڻ سٺو ثابت ٿيو. حسن علي  بهترين بالنگ ڪئي.

فواد عالم غير معمولي پرفارمنس سان سٺو اختتام ڪيو. هاڻ اسان ڪجهه ڏينهن آرام کان پوءِ پچ ڏسي ايندڙ ميچ جي لاءِ  رانديگر چونڊ ڪنداسين. ٻئي طرف مين آف دي ميچ حسن علي ميچ کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڊگهي ڪرڪيٽ کيڏڻي آهي ته ان کي فرسٽ ڪلاس ميچز ۾ حصو وٺڻو پوندو.