ڪراچي ۾ ڦورو بي لغام: اداڪاره حرا ماني کان گهر جي دروازي آڏو ڦر

news

ڪراچي: (آچر02 مئي 2021ع) پاڪستان جي مشهور اداڪاره حرا ماني کان ان جي گهر جي ٻاهران گن پوائنٽ تي ڦر ڪئي وئي.

مشهور فوٽو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام استوري تي اداڪاره طرفان گن پوائنٽ تي ڦر واري وڊيو مداحن سان شيئر ڪري ڇڏي آهي. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اداڪاره جي گاڏي ان جي گهر جي ٻاهران اچي بيهي ٿي جنهن کان پوءِ اداڪاره جو  وڏو پٽ گاڏي کان ٻاهر اچي ٿو ۽ گهر جي گهنٽي وڄائيندو آهي.

جنهن کان پوءِ اداڪاره جو ٻيو پٽ گاڏي مان ٻاهر ايندو آهي ۽ ان ئي وقت پٺيان کان موٽر سائيڪل تي سوار ٻه ڦورو اداڪاره جي گاڏي وٽ اچي ان کان گن پوائنٽ تي موبائل، روڪ رقم ۽ زيور ڦر ڪري  وڃن ٿا. ان کان پوءِ وڊيو ۾ اداڪاره کي به گاڏي کان ٻاهر نڪرندي ڏسي سگهجي ٿو.