ڪورونا وبا: ڀارت ۾ مسلمان ڊرائيور پنهنجي رڪشي کي ايمبولينس ٺاهي ڇڏيو

news

نئين دهلي: (آچر02 مئي 2021ع) ڀارت ۾ جاويد خان نالي شخص پنهنجي رڪشي ۾ آڪسيجن سلنڊر ۽ دوائون رکي ان کي وقتي طور تي ايمبولينس ٺاهي ڇڏيو آهي ۽ مفت ۾  مريضن کي اسپتال منتقل ڪري رهيو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب  بهوپال جي 34 ساله مسلمان ڊرائيور جاويد خان جا هن وقت سوشل ميڊيا تي ڪافي چرچا  ٿي رهيا آهن. جاويد خان مريضن  جو انگ ۽ ايمبولينس جي کوٽ کي ڏسندي پنهنجي رڪشي ۾ ئي  حياتي بچائڻ وارين شيون رکي رڪشي کي ايمبولينس ٺاهي ڇڏيو آهي.

وڏي دل جي مالڪ جاويد خان رڪشي ۾ پنهنجي خرچ تي آڪسيجن سلينڊر، سينيٽائزر ۽ دوائون رکيون. هو مريضن کي نه صرف مفت ۾ اسپتال منتقل ڪري رهيو آهي پر آڪسيجن به فراهم ڪري رهيو آهي.

رڪشه ڊرائيور  سان گڏوگڏ ان جي زال به مريضن جي خدمت ۾ اڳيان آهي. ايستائين جو جڏهن آڪسيجن سلينڊر خريد ڪرڻ جي لاءِ  پئسا گهٽ پيا ته سندس زال پنهنجو سون جو لاڪيٽ وڪرو ڪري مڙس کي رقم ڏني.