افغانستان ۾ پنجاهه آئل ٽينڪر سڙي خاڪ، ٻارنهن ڄڻا فوت

news

ڪابل: (آچر02 مئي 2021ع) افغانستان جي گادي واري شهر ۾ آئل ٽينڪرز ۾ لڳندڙ باهه تباهه مچائي ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا فوت ۽ 8 سخت زخمي ٿي پيا.

افغان ميڊيا موجب ڪابل جي علائقي قلعه مراد جي مرڪزي روڊ تي فيول ٽينڪرز جي پاڻ ۾ ٽڪر سبب خوفناڪ باهه لڳي وئي جنهن ڏسندي ئي ڏسندي ٻين آئل ٽينڪرز ۽ گاڏين کي به پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو. باهه ۾ 12 فيول ٽينڪرز، 4 گاڏيون ۽ 3 ٽرڪون سڙي خاڪ ٿي ويون.

جڏهن ته ڀرپاسي جي دڪانن ۽  گهرن کي به سخت نقصان پهتو آهي. حادثي ۾ گڏيل طور تي 12 ڄڻا فوت ۽ 9 زخمي ٿي پيا. فائربرگيڊ جي عملي چار ڪلاڪن جي جدوجهد کان پوءِ باهه تي ڪنٽرول ڪيو. فوت ۽ زخمي ٿيندڙن کي ويجهين اسپتالن  ڏانهن منتقل ڪيو ويو جتي 2 جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.