جيڪب آباد: قلعه سيف الله ڀرسان روڊ حادثي ۾ فوتين جا لاش گهر پهچڻ تي قهرام،تدفين وقت هر اک آلي

news

جيڪب آباد(رپورٽ:عبدالنبي مگسي) قلعه سيف الله ڀرسان روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل 5 ڄڻن مان 4 ڄڻن جا لاش جيڪب آباد آندا ويا ماحول سوڳوار ٿي ويو، فوتين جي الڳ الڳ جنازي نماز بعد تدفين ھر اک آلي ٿي وئي خبر موجب

قلعه سيف الله ڀرسان حادثي ۾ فوت ٿيل 5 ڄڻن مان 4 ڄڻن رياض پٺاڻ، عابد علي ڏنگر، احمد علي پنھيار ۽ نياز سولنگي جا مڙهه جيڪب آباد آندا ويا ته ماحول سوڳوار ٿي ويو جڏهن ته فوتين جا مڙهه گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، حادثي ۾ فوت ٿي ويل عابد علي ڏنگر ۽ نياز سولنگي جي جنازي نماز ڏنگرن جي ڳوٺ ۾ ادا ڪرڻ بعد ميھر شاهه قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، رياض پٺاڻ جي جنازي نماز ايئرپورٽ روڊ تي ۽ احمد علي پنھيار جي جنازي نماز پوليس ھيڊ ڪوارٽر ۾ ادا ڪئي وئي جڏهن ته سعيد احمد چاچڙ جي جنازي نماز اباڻي علائقي بختيارآباد بلوچستان ۾ ادا ڪئي وئي. پنج فوتين جي تدفين وقت ھر اک آلي ٿي وئي ۽ ماحول سوڳوار ٿي ويو.