فيس بڪ صحافين ۽ ليکڪن کي پنجاهه لک ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

news

واشنگٽن: (سومر 03 مئي 2021ع) سماجي رابطي جي مشهور ويب سائٽ فيس بڪ اعلان ڪيو آهي ته هو منفرد رپورٽنگ ڪندڙ صحافين کي 50 لک ڊالر ڏيندو. عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب فيس بڪ پنهنجي نئين اشاعتي پليٽ فارم جي لاءِ سوشل ميڊيا جي ذريعي پئسا ڪمائڻ جي خواهشمند صحافين ۽ ليکڪن سان معاهدو ڪندو.

ان حوالي سان ڪمپني جو چوڻ آهي ته اهڙن صحافين سان معاهدا ڪيا ويندا. جيڪي ڪنهن به مخصوص ڪميونٽي جي لاءِ آواز اٿاريندڙ واحد  شخص هوندا يا اهڙيون خبرون ڪنهن به سبب جي ڪري اسٽريم ميڊيا جو حصو نه بڻجي رهيون آهن ان کي فيس بڪ پيج تي رکندا. في الحال ان آڇ جي لاءِ فيس بڪ صرف آمريڪا جي فري لانس صحافين کان درخواستون طلب ڪيون آهن.

درخواستن جو جائزو گڏيل طور تي انٽرنيشنل سينٽر فار جرنلسٽس ۽ نيشنل ايسوسيئيشن آف هسپانگ کان وٺندا جنهن کان پوءِ چونڊيل صحافين کي بزنس شروع ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو.

واضح رهي ته فيس بڪ جي هن اشاعتي پليٽ فارم جو اعلان گذريل مهيني ڪيو ويو هو جيڪو فيس بڪ پيجز سان گڏ جڙيل هوندو جنهن ۾ صحافين جي لاءِ فري سيلف پبلشنگ  ٽول به هوندو. جنهن جي ذريعي صحافي نيوز ليٽرز به موڪلي سگهندا يا پوءِ ان کي پنهنجي ويب سائٽ بنائڻ جي لاءِ به استعمال ڪري سگهندا.