دنيا جي امير ترين جوڙي بل گيٽس ۽ سندس زال هڪٻئي کان الڳ ٿي ويا

news

نيويارڪ:دنيا جي ٽين امير ترين شخصيت ۽ مائيڪرو سوفٽ جي باني بل گيٽس ۽ زال شادي جي 27 سالن کانپوءِ هڪٻئي کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪيو.

سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي بل گيٽس ۽ ميلنڊا پيغام جاري ڪيو ته هاڻ جوڙي جي صورت ۾ وڌيڪ گڏ نٿو هلي سگهجي، ان ڪري اسان سوچي سمجهي شادي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

جوڙي پنهنجي پيغام ۾ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ جو به اعلان ڪيو آهي.

برطانوي ميڊيا رپورٽ موجب بل گيٽس ۽ سندس زال ۾ پهرين ملاقات 1980 جي ڏهائي ۾ ان وقت ٿي جڏهن ميلنڊا مائيڪرو سافٽ فرم ۾ شامل ٿي هئي.

ارب پتي جوڙي جا ٽي ٻار به آهن جڏهن ته بل گيٽس ۽ ميلنڊا گڏجي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس نالي فائونڊيشن به هلائي رهيا آهن.