ڀارتي گلوڪار به ساره خان جو مداح نڪتو

news

لاهور: مشهور اداڪاره ساره خان کي پاڪستان ۾ شهرت حاصل آهي پر پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ به ان جا مداح موجود آهن.

بالي ووڊ جو مشهور گلوڪار گورورنڌاوا جي هاڻوڪي تبصري سان ان ڳالهه جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

اداڪاره ساره خان فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي عروسي جوڙي ۾ ملبوس تصوير شيئر ڪئي جنهن تي ڀارتي گلوڪار گورورنڌاوا ڪمينٽ ۾ ڪندي لکيو خوبصورت.

ساره خان گلوڪار جي ان تبصري تي سند س شڪريو ادا ڪيو.

ياد رهي ته گورورنڌاوا ڀارت جو مشهور پنجابي ڳائڻو آهي جنهن سپرهٽ گانا ڏنا هاءِ ريٽڊ گبرو، و لگ دي لاهور دي آ، سوٽ سوٽ ڪردا ۽ مورني بن ڪي شامل آهن.