ٻار جي پيدائش تي رانديگرن کي پگهار سان گڏ موڪل ڏيڻ جي پاليسي جاري

news

لاهور:پي سي بي ٻار جي پيدائش تي رانديگرن کي پگهار سان گڏ موڪل ڏيڻ جي پاليسي جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن جو اطلاق مرد توڙي عورت رانديگرن ٻنهي تي هوندو ۽ حمل دوران عورت رانديگرياڻيون ان مان فائدو حاصل ڪري سگهنديون.

جڏهن ته اهي مرد رانديگر جيڪي ڪنهن ٻار جا پيءُ ٿين ٿا اهي به مڪمل پگهار سان گڏ 30 ڏينهن موڪل جا حقدار هوندا.

ان موقعي تي پي سي بي جي چيف ايگزيڪيوٽو وسيم خان چيو آهي ته هر موقعي تي پنهنجي رانديگرن جو خيال ڪرڻ پي سي بي جو فرض آهي.