چئن ڀينرن کانپوءِ منهنجي پيدائش سڀني کي روئاڙي ڇڏيو

news

ڪراچي: مشهور اداڪاره مريم نور انڪشاف ڪيو آهي ته سندس ڄمڻ جي موقعي تي گهر جا ڀاتي روئي پيا هئا.

تازو مريم نور ويب چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو.

ميزبان پڇيو تون گهر ۾ ننڍي آهين ته پوءِ لاڏلي به هوندينءَ  جنهن تي اداڪاره ڪجهه سوچيندي مسڪرائي ويٺي.

مريم نور جواب ۾ ٻڌايو مونکان وڏيون چار ڀينرون آهن، جڏهن آئون پيدا ٿيس ته سڀ روئي پيا ته پنجين به ڀيڻ اچي وئي ڇو ته سڀني کي ڇوڪري جي خواهش هئي.

اداڪاره وڌيڪ چيو ته ننڍپڻ ۾ گهر وارا جڏهن مونکي اهو چوندا هئا ته ڪافي تڪليف ٿيندي هئي پر هاڻ سڀڪوئي مون سان پيار ڪري ٿو.

ڀاءُ جي حوالي سان ڳالهائيندي مريم جو چوڻ هو ته جڏهن به ڪو چوندو هو ته توکي ڪو ڀاءُ ناهي ته ڪا پرواهه نه ٿيندي هئي پر هاڻ ان ڳالهه جو احساس ٿئي ٿو.