بدين ۾ ناري جي اغوا خلاف تلهار واسين جو احتجاج

news

بدين (رپورٽ: تنوير احمد) نوجوان ڇوڪريءَ جي مبينا اغوا خلاف تلهار واسين جو احتجاج جوابدار گرفتار ڪرڻ جو مطالبو.

تلهار جي ڳوٺ صديق سومري جي رهواسي شمبو راوڙو سندس گھر واري ۽ ٻين گھر ڀاتين سان گڏ ايس ايس پي بدين کي درخواست ڏيڻ بعد پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪرڻ دوران الزام هڻندي چيو آهي ته منهنجي ڌيءَ ميڊم رواڙي جيڪا شهر مان سامان وٺڻ لاءِ وئي، جنهن کي جوابدار سنيل ۽ ببلو لاشاري ٻه مهينا اڳ اغوا ڪري ويا آهن، تلهار پوليس کي درخواست ڏني پر پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران سندن ساٿاري بڻيل آهي.

هن چيو ته ٻه مهينا ٿي ويا آهن، منهنجي ڌيءَ جو ڪوبه ڏس پتو نه آهي، جنهن سبب اسان کي شڪ آهي ته کيس قتل ڪيو ويو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته جوابدار اسان کي ماٺ رهڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان گھُر ڪئي ته منهنجي ڌيءَ کي بازياب ڪرائي جوابدارن ۽ پوليس خلاف قدم کنيو وڃي.