ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسز کي روڪڻ وارو وفاق جو طريقو سمجهه کان ٻاهر آهي: مراد علي شاهه

news

اسلام آباد(اربع 05 مئي 2021ع) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ وارو وفاق جو طريقو سمجهه کان ٻاهر آهي.

احتساب عدالت جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي جي تڪ اين اي 249 ۾ چونڊ بهتر طريقي سان ٿي ۽ تڪ ۾ ڌانڌلي جي ڪابه شڪايت نه هئي. هاڻ تڪ ۾ ٻيهر ڳڻپ ٿيندي. جڏهن ته ٻيهر ڳڻپ کي ريٽرنگ آفيسر رد ڪري ڇڏيو هو. اليڪشن ڪميشن جي طرفان ٻيهر ڳڻپ ڪرائڻ جي فيصلي تي حيرت ٿي. پر ان هوندي به اسان اليڪشن ڪميشن جو ٻيهر ڳڻپ وارو فيصلو مڃيو آهي. مراد علي شاهه چيو ته اليڪٽرونڪ مشين جون ڳالهيون اڳ به  ٿينديون رهنديون آهن.

2017 ۾ به اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي ڳالهه ڪئي وئي هئي. سياسي بيانن ۾ اڳيان نه وينداسين ته ترقي نه ڪنداسين. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ٻڌو هو ته اڏامن ۾ محدود سيٽون رکيون وينديون. پر ائين نه ٿيو. اسان سنڌ جي سرڪاري آفيسن ۾ 20 سيڪڙو حاضري رکي آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ 25 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهن جي اجازت نه آهي. انٽرسٽي ٽرانسپورٽ بند ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي. اپريل ۾ بين الصوبائي ٽرانسپورت بند ڪرڻي هئي اسان دير ڪري چڪا آهيون.

مراد علي شاهه چيو ته وزيراعظم چوي ٿو ته گهبرائڻو ناهي پر مان ته آگسٽ 2019 ۾ ئي گهبرائي چڪو آهيان. وڏي وزير چيوته ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ وارو وفاق جو طريقو سمجهه کان ٻاهر آهي. اسان کان هڪ وڏي ناڪامي ٿي جو اسان ويڪسين وقت تي نه گهرائي سگهياسين. اسان پٺتي پيل ملڪن کان به ويڪسينيشن گهرائڻ ۾ پوئتي آهيون. هڪ وزير ايس او پيز وارو عمل ناپڻ جي لاءِ ميٽر به ڪڍي ورتو آهي. بٽڻ دٻائيندي ئي ايس او پيز جي خبر پئجي ويندي آهي. اخباري بيان ڏيڻ ۽ نوان نوان ميٽر ايجاد ڪرڻ سان ڪورونا کي روڪي نٿو سگهجي. هڪ وزير چنڊ ڏسڻ ۽ وينٽيليٽر جو به ٻڌائيندو هو جيڪو ان جو ڪم ئي نه هو. اسان کي ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻو آهي.

وزيراعطم چوي ٿو ته ماسڪ نه پاتوسين ته صورتحال ڀارت جهڙي ٿي ويندي. ننڍي ڪمري ۾ 50 ماڻهو بيٺل آهن ته اهو ڪورونا کي روڪڻ جو طريقو ته نه آهي. اوهان روز ڪراچي مان 50 ماڻهو گهرايو ٿا. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اين سي او سي ۾ چيو هو ته يوم علي رضه تي هڪ فيصلو ڪريو جنهن تي سڀ پابند هجن. اين سي او سي يوم علي رضه جي جلوس تي پابندي لڳائي هئي پر ان کان پوءِ صدر چيو ته جلوسن ۾ ايس او پيز تي عمل ڪيو وڃي.