جنيد خان ٽيم جي سليڪشن پاليسي تي سوال اٿاري ڇڏيا

news

لاهور: جنيد خان پاڪستان ٽيم جي سليڪشن پاليسي تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن.

پاڪستان ڪرڪيٽ جي ويب سائٽ تي انٽرويو ۾ جنيد خان چيو آهي ته قومي ٽيم ۾ چونڊ لاءِ رانديگرن جو ”ييس مين“ هجڻ ضروري آهي، ڪنهن ڪرڪيٽر جا ڪپتان يا ڪوچ سان لاڳاپا جيترا سٺا هوندا انکي ايترا موقعا ملندا، وڏي شهر سان لاڳاپو نه هجڻ ڪري رانديگرن کي ٽيم ۾ ان يا آئوٽ ڪرڻ جي روايت پئجي وئي آهي،  منهنجو تعلق لاهور يا ڪراچي سان ناهي ان ڪري ٽيم کان ٻاهر آهيان، جيڪڏهن توهان جو لاڳاپو ڪنهن وڏي شهر سان آهي ته پوءِ سڀڪو ان جي لاءِ آواز اٿاريندو.

هن چيو ته ياسر شاهه ۽ منهنجو لاڳاپو صوابي سان آهي جتي ميڊيا ۾ اسان جي ڳالهه ڪرڻ وارو ڪو به ناهي، ان ڪري سليڪٽرز تي ڪو دٻاءُ نٿو پوي، پيسر چيو ته بهترين ڪارڪردگي باوجود مونکي مسلسل موقعو نه ڏنو ويو،آئون حسن علي کانپوءِ چيمپئنز ٽرافي ۾ ٻيون بهترين بالر ۽ ٽنهي فارميٽ ٽيم جو حصو هئس، جڏهن مون آرام جو چيو ته اهو نه ڏنو ويو، ان کانپوءِ ٽيم جي پسند ۽ ناپسند جو شڪار ٿي ويس.