ووٽ سان ملڪ جي ترقي کي لڳل وائرس کان محفوظ ڪريو: مريم نواز

news

لاهور: (اربع 05 مئي 2021ع) مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته پنهنجي ووٽ سان اڄ ملڪ جي ترقي کي لڳل وائرس کان محفوظ ڪريو.

مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر  مريم نواز سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي لکيو ته خوشاب جون ڀينرون، ڀائرو ۽ بزرگو ڪورونا ايس او پيز جي تحت گهرن مان نڪرو. هن خوشاب ۾ ننڍي چونڊ جي موقعي تي اتان جي عوام کي مخاطب ٿيبندي چيو ته  پنهنجي ووٽ سان اڄ ملڪ جي ترقي کي لڳل وائرس کان محفوط ڪريو.

مريم نواز چيو ته هڪ ڪلو اٽو ۽ کنڊ جي لاءِ لائن ۾  بيهاريندڙن جي خلاف پنهنجو فيصلو ٻڌايو هاڻ خوشاب ۾ شينهن جي گجگوڙ ٿيندي.  واضح رهي ته اڄ خوشاب جي صوبائي تڪ ۾ ننڍي چونڊ ٿي رهي آهي جنهن ۾ مسلم ليگ(ن) ۽ تحريڪ انصاف جي اميدوارن وچ ۾ سخت مقابلو آهي.