علي ظفر جو نعتيا ڪلام”بلغ العلي بڪماله“ رليز ٿيندي ئي مشهور

news

ڪراچي: مشهور گلوڪار ۽ اداڪار علي ظفر جو رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ پيش ڪيل نعتيه ڪلام ”بلغ العلي بڪماله“ رليز ٿيندي ئي مشهور ٿي ويو.

گذريل ڏينهن علي ظفر ان خوبصورت نعتيه ڪلام جي وڊيو پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي شيئر ڪئي هئي ۽ حضور صلعم جي تعريف بيان ڪندي چيو هو”ڪا حد ان جي عروج جي (صلعم). علي ظفر ٽوئٽر تي لکيو هن خوبصورت نعت کي ريڪارڊ ڪرڻ وقت منهنجا جيڪي احساس هئا انهن کي آئون هتي بيان نٿو ڪري سگهان.

علي ظفر جي نعتيه ڪلام”بلغ العلي بڪماله ) کي يوٽيوب تي هن وقت تائين 3 لک 30 هزار کان وڌيڪ ڀيرا ڏٺو ويو آهي ۽ ماڻهن کي اهو خوبصورت نعتيه ڪلام ڪافي پسند آيو آهي، ماڻهن جتي يوٽيوب تي هن نعت جي تعريف ڪئي اتي سوشل ميڊيا تي به هن جي مختصر ڪلپ وئارل ٿي رهي آهي.