ملڪ ۾ ڪورونا وبا وڌيڪ هڪ سئو اوڻيهه مريضن کان حياتيون کسي ورتيون

news

اسلام آباد: (اربع 05 مئي 2021ع)  ڪورونا وبا سبب اڄ 119 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جنهن کان پوءِ گڏيل فوتگين جو انگ 18 هزار 429 ٿي ويو آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 37 هزار 587 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کان پوءِ گڏيل ڪورونا 19 ٽيسٽن جو انگ 11.965.682 ٿي ويو آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ وڌيڪ 4 هزار 113 هاڪاري ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 841.636 ٿي ويو آهي. هاڪاري ڪيسز جي شرح 9.17 سيڪڙو آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب هينئر تائين سنڌ ۾ 2 لک 87 هزار 643، پنجاب ۾ 3 لک 10 هزار 616، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 21 هزار 099، اسلام آباد ۾ 76 هزار 696، بلوچستان ۾ 22 هزار 776، آزاد ڪشمير ۾ 17 هزار 465 ۽ گلگت بلتستان ۾ 5 هزار 341 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 84 هزار 480 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 5 هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 118 مريض فوت ٿي ويا آهن. جنهن کان پوءِ هاڻ هن وبا سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو گڏيل طور تي انگ 10 هزار 429 ٿي وئي آهي.

اين سي او سي موجب ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن دوران 5 هزار 665 مريض صحتياب ٿيا جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 738.727 ٿي ويو آهي.