آمريڪا جي ايڪهتر ساله ويٽ لفٽر عورت ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي

news

واشنگٽن: (اربع 05 مئي 2021ع) آمريڪي رياست ڪنيڪٽي ڪٽ ۾ 71 ساله ويٽ لفٽر عورت سڀني جي ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي آهي.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب ميري ڊفي نالي ڏاڏي 250  پائونڊ وزن آساني سان کڻي وٺندي آهي ۽ پوڻا 200 پائونڊ وزن ڪلهي تي کڻي اٿ ويهه ڪندي آهي. پنهنجي غير معمولي خاصيت سبب ميري ڊفي هينئر تائين 30 کان وڌيڪ اسٽيٽ ۽ ورلڊ ويٽ لفٽنگ رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري چڪي آهي.

ميري جو چوڻ آهي ته هو هفتي ۾ 20 ڪلاڪ آئرن پمپنگ ۽ ايڪسرسائز ڪندي آهي ۽ 30 سال اڳ جي نسبت وڌيڪ بهتر محسوس ڪري ٿي.

ميڊيا رپورٽن موجب 71 ساله ميري 59 سالن جي عمر ۾ وزن گهٽ ڪرڻ جي تربيت حاصل ڪئي پر جلد ئي ميري جي تربيت ويٽ لفٽ جي جنون ۾ تبديل ٿي وئي. پر هاڻ ميري پنهنجي عمر جي مردن جي وزن جو هڪ چوٿائي حصو وڌيڪ کڻي وٺي ٿي ۽ 250 ڊيڊ لفٽنگ(هڪ هاٿي جي ٻچي کان وڌيڪ جو وزن( کڻي ورلڊ رڪارڊ ٺاهڻ جو اعزاز رکي ٿي.