بابر ۽ فخرزمان آءِ سي سي جي بهترين رانديگرن جي فهرست ۾ شامل

news

لاهور: پاڪستان ٽيم جي ڪپتان بابراعظم ۽ اوپنر فخرزمان کي اپريل جا بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو آهي.

انترنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل پاران منٿ آف اپريل جي لاءِ اعلانيل نالن ۾ پاڪستان جو بابراعظم ۽ فخرزمان سان گڏ نيپال جو خوال ڀرنل به قابل ذڪر آهن.

بابراعظم اپريل ۾ ون ڊي جو نمبر ون بيٽسمين ٿيڻ جو اعزاز حاصل ڪيو،فخرزمان ڏکڻ آفريقا خلاف هڪ ڏانهن واري ميچ ۾ شاندار پرفارمنس ڏيندي 193 رنز جي اننگز کيڏي سڀني جون دليون کٽي ورتيون.

آءِ سي سي ويمن پليئرز آف دي منٿ ۾ آسٽريليا جا ٻه ۽ نيوزي لينڊ جو هڪ ڪرڪيٽر شامل آهن، فينز سان ڪرڪيٽ ايڪسپرٽ پينل ووٽنگ ذريعي پليئر آف دي منٿ جي ڇونڊ ڪندو.